اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ تفويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ ش??رين کي جزوي ريليف جو اشارو ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چي?? آهي ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چي?? آهي ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪ?? جون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بلوچستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻ??يو ويندو.