اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ ذميداراڻو انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه مڪمل هم آهنگي ۽ قوم جي ثقافتي تنوع کي اتحاد ۾ بدلائڻ جي لاءِ امن ۽ رواداري جي قدرن تي ٻڌل پاڪستان جو ثقافتي بيانيو وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”قومي يڪجهتي ۽ ثقافتي هم آهنگي“ جي موضوع تي منعقد ??ان??رنس کي خطاب ڪندي صدر چ??و ته پاڪستان جي ثقافت سمورن صوبن ۽ قوميتن جي رسم ۽ رواج جو حسين امتزاج آهي. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت تحت قومي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي اهتمام هيـٺ ٻن ڏينهن واري ??ان??ر??س ۾ سڄي ملڪ مان اسڪالرز شرڪت ڪئي ته جيئن قومي ثقافتي انضمام جي موضوع تي غور ڪري سگهجي. صدر چ??و ته پاڪستان جي ثقافت گڏيل بقاءُ ۽ هم آهنگي جي تصور سان جڙيل آهي، قوم کي سماجي قبوليت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ رهنما اصول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته مذهب ۽ خواهشن جو گڏيل عمل ڪجهه وقت پاڻ کي رواداري ۽ برداشت جي رستي تان هٽائي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪنهن خاص عقيدي کي ٻين تي مڙهيو ويندو آهي ??ه مصيبتون ۽ تڪرار سامهون ايندا آهن، هن چ??و ته اسلامي ثقافت ملڪ جي سماج کي پاڻ ۾ گڏي سگهي ٿي جيڪا هم آهنگي تي زور ڏيندي آهي، هن قوم تي زور ڏنو ته هو مذهب جي آڙ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيندڙن کان هوشيار رهي، اهڙي طرح سامجي تڪرارن کي هوا ڏني ويندي آهي، هن صوفي بزرگن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن ۾ دلين کي جوڙڻ جي لاءِ رواداري تي ڌيان ڏنو ويو. صدر عارف علوي چ??و ته ٻه قومي نظريو پاڪستان جي نظرياتي بنياد آهي ??نهن هڪ قوم جي ڌار مذهبي، ثقافتي ۽ روايتي شناخت تي ڌيان ڏنو. هن چ??و ته اڄ جي هندستان ۾ هندو انتهاپسند آر ايس ايس مسلمانن جي ثقافتي شناخت کي مٽائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي ??هي ۽ خبردار ڪ??و ته اها صورتحال پاڻ ڀارت کي ثقافتي تباهي ??ي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي، ان موقعي تي صدر معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ قوم ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندڙ جعلي خبرن جي رجحان کي ترڪ ڪري ذميداراڻي انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.