اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس سوشلسٽ جمهور??ه سريلنڪا جي ستين صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته تازين چونڊن ۾ صدر راجا پاڪسي جي ويزن ۽ قيادت تي سريلنڪا جي عوام جي اعتماد جو اظ??ار ??هي.