اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ 19 سالن کانپوءِ اٺين متفقه ويج بورڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صحافتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500، ايڊيٽر، اسپيشل گريڊ، ميٽرو پوليٽن، ريجنل ڪيٽيگريز جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو تائين اضافو مقرر ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن حق حق??ار تائين پهچائن جو واعدو پورو ڪيو ويو آهي، اٺين متفقه ويج بورڊ ايوارڊ تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اهڙو اعلان اطلاع??ت ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ويج بورڊ جي چيئرمين (ر) حسنا?? احمد خان، ويج بورڊ جي ميمبرن محمد نواز رضا، ناصر چشتي، خانزاده شهزاده ذوالفقار، شعيب الدين، بخت رضا يوسفزئي، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن سان گڏ ڪيو.