اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارليامان?? سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن ??ان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارليامان?? سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پ??ري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀارت 70 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جون هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ج?? سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.