رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آ??ي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون برساتُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ ??ان وڏو سياحتي ماڳ مارئي جو ديس ٿر سياحن جي آمد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ته سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آ??ي جنهن جو دارو مدار برساتن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون برساتون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري ??ان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي سياحن جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويو?? آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديو?? آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُو?? آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آ??ي جنهن جي ڪري ک??ڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خواب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي برساتون پونديو?? آهن ته ٿري ماڻهن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي برساتن جي آجيان ڪندا آهن، برساتن جي وسڻ ??ان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان هوندا آهن
ٿر جون ٻنيون به برسات تي ٿينديو?? آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن سٺي برسات پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياحن جي آمد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُو?? آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ماڳ جيڪي برسات کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ برسات پوڻ ??ان پوءِ سياحتي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، ت??وٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين هنڌن جي سونهن ڏسڻ وٽان هوندي آهي۔، جتي برساتون پڻ ??ان پو۽ پوري ملڪ مان هزارن جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن هنڌن تي محفل موسيقي مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن هندن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ برساتن جي خوشي ٿر جي مالوندن کي عيد ??ان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خوشي صرف هڪ ڏينهن ۽ برسات پوڻ جي خوشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر برسات تي آهي.
جيڪڏهن برسات نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي اڻمئي برسات پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري ??ان به وڌيڪ حسين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن سان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ ??ان به وڌيڪ هوندو آهي، برسات جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ برساتن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهندو آهي.