فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل م??نوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروباري برداري جي نمائندن چيو ته حڪو??تي ق??من جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻين سهولتن جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري برادري جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪو??تي جامع ق??من سان نه رڳو ماڻهن جي روزگار کي تحفظ مليو پر انهن ق??من سان روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪو??تي ق??من کي ساراه??ند?? يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.