اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گالف جي فروغ سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ بهتر نمائندگي جي لاءِ گالفرز جي حوصلا افزائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن 47 هين پاڪستان اوپن گالف چيمپئن شپ جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سا?? خطاب ڪندي چئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ??ئو?? پاڻ به گالف جو شوق رکان ٿو، اها هڪ انتهائي دلچسپ راند آهي. هن چيمپئن شپ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته راند ۾ کٽ?? جي جستجو ٽيلنٽ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته بي پناهه جوش ۽ جذبي جي ڪري پاڪستان ماضي ۾ سهولتن ۽ وسيلن جي کو?? جي باوجود ورلڊ ڪلاس هاڪي ۽ اسڪوائش جا رانديگر تيار ڪيا.