اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديلي جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ملڪي نه ذاتي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي ??قص??ن ٿيندو، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيشت جي ??ستحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري رهيا آهن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ڻينداس??ن، احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن، بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ماضي جي وفاقي حڪومتن بلوچستان جي ??رقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، 2021ع جي ??خر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، فرقيواراڻي شدت پسندي ملڪ کي تمام گهڻو ??قص??ن پهچايو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڀارت جيستائين 5 آگسٽ 2019?? جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي وڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان کي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي ط??ر تي قوم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ميڊيا جو ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي ??ڪمراني جي ??والي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ميڊيا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.