اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر انداز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪي?? آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين سي او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصول?? تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ??يو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اين سي او سي کي آگاهه ڪيو ??يو ته انهن هدايت?? تي عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين سي او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ??يو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪ?? آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪ?? آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو وي?? آهي. عوام پاران ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر انداز ڪر?? سميت حڪم?? تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.