اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي م??جود هر فرد جو بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي م??هن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ت?? حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پک??ڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي م??مبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ وي??سي??يشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن چيو ت?? موجوده حڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتالن جي قيام ۽ موجوده اسپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي م??جوده حڪومت جو سڀ کان و??و اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ت?? حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.