اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني ل??ءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت س??وريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، ادار?? جي قيام سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان ??ي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. ادار?? جي قيام سان ڊيٽا جي وق?? سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت س??نيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبل?? سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.