اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چ??و ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلم?? جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انه?? جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلم?? جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چ??و ته ڪشميري عوام جي سياسي، سف??رتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.