اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪورونا جي دوران وزيراعظ?? جي قدمن سان معيشت بهتر ٿي رهي آهي، دنيا تسليم ڪيو آهي ته ڪورونا جي دوران پاڪستان ب??تر قدم کنيا ۽ معاشي استحڪام جا اثر سڀني کي نظر اچي رهيا آهن، چانور ۽ مڪئي جي فصل جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو، وزيراعظم ڪمزور طبقي جي لاءِ قدم کنيا. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ڪابينا ج?? اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.