زيارت – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم کي خوشخبري ڏيون ٿا ته ملڪ مشڪل وقت مان نڪري رهيو آهي، ماضي جي حڪومتن بلوچستان کي نظرانداز ڪيو، اسان اتحادي حڪومت هجڻ جي باوجود بلوچستان کي نم??يان فنڊز ڏنا، 700 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو جڏهن ته هاڻي رستن جو پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، زيارت ۾ ايل اين جي پلانٽ جي لاءِ ايندر مالي سال ۾ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، زيارت سياحت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، خيبرپختو??خو??هه ۾ اسان جي حڪومت سياحت کي فروغ ڏنو جنهن سان روزگار ۽ ??ار??بار وڌيو. هو قائداعظم ريزيڊنسي زيارت ۾ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.