اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غر??ت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، ??ڪو??ت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ??ام??اب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حي??ر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??ام??اب جوان پروگرام تحت ??ام??اب ڪاروبار، ??ام??اب آبادگار، ??ام??اب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ??ام??اب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ??ام??اب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.