ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ?? افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وز??را??ظم عمران ان ?? افغانستان جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي دوري تي ڪابل آيو، افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پا??ان افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وز??را??ظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وز??را??ظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وز??را??ظم عمران خان افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.