ا??لا?? آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوانن جي ايندڙ اجلاسن ??ي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاسن ??ي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي. عوامي م??ئلن جي حل لاءِ عوام جون نظرون پارليامينٽ ڏانهن آهن. ايوان ??ي ڪارروائي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.