اسلام آب??د -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد مي??ن سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري/ بحالي جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي ??ابت مشير تابش گوهر، چيئرمين نيپرا، سيڪريٽري پاور ، سيڪريٽري نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابينه جي توانائي ??ابت ڪميٽي ڊسڪوز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن جي نجڪاري لاءِ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.