اس??ام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 19 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران س??ي ملڪ ۾ 3 هزار 12 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 49 سيڪڙو، ملتان 76 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان صوابي ۾ 63 سيڪڙو، بنون ۾ 67 سيڪڙو، گجرات ۾ 63 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 56 هزار 778 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 225، پنجاب ۾ 18 هزار 399، خيبرپختونخواهه ۾ 12 هزار 207، اس??ام آباد ۾ 5 هزار 135، بلوچستان ۾ 1289، گلگت بلتستان ۾ 544 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 969 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 12 هزار 236 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 553 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 581 آهي. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 15 هزار 881 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 551، بلوچستان ۾ 32 هزار 671، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 204، اس??ام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 549، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هزار 972، پنجاب ۾ 4 لک 18 هزار 196 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 47 هزار 678 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 27 هزار 400 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 210 ??وتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هزار 319 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 329 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اس??ام آباد ۾ ڪل 893 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ه?? مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ ڪل 344 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 182 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 727 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 86 لک 82 هزار 730 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هزار 590 مريض علاج هيٺ آهن