نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي انسانيت لڄائيندڙ ظلمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن و??ري?? ڳالهين لاءِ تيار آهي، تنهن هوندي به ڳالهين کان اڳ ڀارت کي سازگار ماحول بڻائڻو پوندو ۽ وال??ري?? ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪ??اري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفت??ري?? ۽ غير معمولي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڀارتي قابض فوج مظلوم ڪشميرين کي ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آهي جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ جي حامل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آهي، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، شاهه محمود ??ريشي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال بزرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آهي جيڪو پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي دوران لاڏاڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لاڏاڻي تي سوڳ جي حالت ۾ هئا ۽ ان جي جنازي نماز جي تياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قابض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي جسد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي جنازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي اجازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي طرز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لاڏاڻي کانپوءِ به ان سان غير انساني سلوڪ روا رکيو. مخد??م شاهه محمود ??ريشي چيو ته عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي وال??ري?? ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آهي، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آهن، هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شاهه محمود ??ريشي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪ??ار جي حل لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ هندستان کي ماحول سازگار بڻائڻو پوندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شاهه محمود ??ريشي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي آهن، او آءِ سي پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حم??يت قابل تحسين آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ وال??ري?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، شاهه محمود ??ريشي چيو ته اڄ خالي هٿين ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آهن، شاهه محمود ??ريشي ميمبرن تي زور ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير مسئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونسل سميت گڏيل قومن جي سمورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪريو.