اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بن??ن جي ٻي ڪانووڪشن کي خطاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي 3 وڏن منصوبن جي افتتاح لاءِ بن??ن پهتو، بن??ن پهچڻ تي تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم خان دراني، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي بن??ن ۽ ٻين س??نئر عملدارن صدر جي آجيان ڪئي. خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا صدر سان گڏ هو.