اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند طرز زندگي، باقاعدگي سان ورزش، مشاهدي جي ذريعي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي خلاف صحت لاءِ محفوظ ۽ سارسنڀال جي نظام کي اختيار ڪري اسان جي صحت جي ڪمزور نظام تي بيمارين جي بار کي نمايان طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، صفائي سٿرائي ۽ پنهنجي خوراڪ ۾ بهتري سان علاج جي نظام سان گڏوگڏ مريضن تي به بار گهٽ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فائونڊيشن يونيورسٽي ڪاليج ??ف ڊينٽسٽري جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ فيڪلٽي ميمبرن، فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر بيمارين جي جلد سُڃاڻپ بابت آگاهي پي??ا ڪرڻ، صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ مريض?? سان انتهائي احتياط، مهرباني ۽ شفقت سان علاج ڪندي بيماري کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ا?? سان مريضن کي يقين ڏيارڻ ۽ انهن جي صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق پيو. هن چيو ته رڳو عوام کي وات جي صفائي ۽ وات جي صحت جي سارسنڀال جي اهميت ببات آگاهه ڪري وات جي بيمارين ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته سڄي زندگي صحتمند ڏندن جي سارسنڀال ٻين بيمارين کان به بچائيندي ۽ ماڻهن کي خوش ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل بڻائيندي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 50 سيڪڙو عورتون شادي کانپوءِ يا ان کان اڳ ئي ميڊيڪل جو پي??و ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو ملڪ ۽ معاشري جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان رجحان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ي زور ڏنو ۽ والدين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڌيئرن کي پنهنجي پي??ي کي جاري رکڻ جي لاءِ مدد ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت کي هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان جي لاءِ پنهنجا سرڪاري فرض آن لائين يا مناسب وقت ۽ نظام الاوقات تي انجام ڏيڻ جا موقعا پي??ا ڪرڻ گهرجن ته جيئن اهي ڪم ڪري سگهن ۽ پنهنجي خاندانن جي آرام سان پرورش ڪري سگهن. هن چيو ته عوام کي جعلي خبرن کان بچڻ، ماڻهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ ۽ پي??امن ۽ بيانن کي انهنجي حقيقي ڏس ۾ پي?? ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حوالي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري بيان ڪيل جملا معاشري ۾ انتشار ۽ ڇڪتاڻ کي وڌائين ٿا ان لاءِ انهن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ گهرجي. صدر نوجوان گريجوئيٽس کي انهن جي پي??يواراڻي زندگي شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي مشورو ڏنو ته اهي علم حاصل کي جاري رکن ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پي??يواراڻي زندگي ۾ عاجزي جو ??ظا??رو ڪن. هن سمورن طبي پي??يور ماڻهن تي به زور ڏنو ته اهي پنهنجي مريض?? سان همدردي سان پي?? اچن ڇو ته اهي هڪ عظيم پي??ي جو حصو آهن جنهن جو بنيادي فرض ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ آهي. ان کان اڳ صدر ناليواري گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عمران فضل يونيورسٽي جي سالياني رپورٽ پي?? ڪئي.