اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج لاءِ وقت جي چونڊ مذمت جوڳي آهي، ان سان عا??مي ??طح تي پاڪستان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جاري بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اهو قدم عا??مي ??طح تي پاڪستان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ ملڪ جي پرڏيهي وزير کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ملڪي ساک کي نقصان په??ائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي احتجاج جو مقصد م??ڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي نقصان په??ائڻ چاهي ٿي. اسان کي اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري اڳتي وڌڻو آهي.