اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري سوئس ڪمپنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گه??ي منافعي وارا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئس ڪنفيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فريئر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.