اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ڇو ته اسان امن جي قد?? ۽ ??يمت ڄاڻون ٿا، پاڪستان گذريل سال ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي باوجود ڀارتي پائليٽ کي ??زاد ڪري ڇڏيو ه?? ڇو ته اسان امن چاهيون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڀارت کي ??من جي آڇ ڪندي واضح طور تي چيو ه?? ته ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم اڳتي وڌندو ته پاڪستان 5 قدم اڳتي وڌندو، جنگين جي تاريخ مان اسان کي ??باهي، ڦ??لٽ ۽ ٻين جي استحصال کانسواءِ ڪجهه نه ٿو ملي، جنگين سان امن حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ نه ئي ان سان قومن جي نئين سر تعمير ممڪن ٿئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسٽريٽجڪ خطرن ۽ ردعمل تي عالمي ڪانفرنس کي ??اص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.