اسلام آباد – 08 جون (??ي پي پي) وفاقي ح??ومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، جولاءِ ۾ ان ??نگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام ج?? حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان ??نتظامن جو جائزو ورتو ويو آهي. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي اسپتالن تي پريشر وڌي رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي ح??ومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.