اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي ??هي?? سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو سبب فلور ملن کي ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ ??هي?? سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ ٿي ??هي?? سنڌ حڪومت پاران ??ڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هو غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي و??ير سيد فخر امام سان ??ڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي و??ير شبلي فراز چيو ته پنجاب حڪو??ت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ سان ??ڏوگڏ وقت سر فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪئي آهي ان لاءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏي آهي جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن سال پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ٿي ??هي?? ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آهي.