اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي قوم جي ??الي پنهنجي ??يغام ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي ??بارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڪرشماتي قيادت ۾ پنهنجي بزرگن جي ??ازوال قربانين جي ??اد ڏياري ٿو. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پاڪستان جي بانين جي ??ظرين تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايون ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل سمورن ورڪرز کي خراج تحسين ??يش ڪريون. صدر چيو ته ماضي جي ابتڙ آزادي جو ڏهاڙو هڪ مشڪل وقت ۾ ملهايو پيو وڃي ڇو ته پوري دنيا ڪوورنا وائرس کان متاثر ٿي آهي جنهن جا منفي اثر معيشت، صحت ۽ تعليم سميت سمورن شعبن تي پيا آهن. هن چيو ته وبا سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن پر اسان ڏسون ٿا ته اسان جي ??وم ان وبا تي سمارٽ لاڪ ڊائون جي شاندار حڪمت عملي تحت ضابطو آڻي ورتو آهي. هن چيو ته اسان جي ??اءِ ضروري آهي ته اسان احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکون. صدر چيو ته ماضي ۾ به اسان آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي سخت ٻوڏن جي ??سئلن ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ هن خوشي جي ??وقعي تي سمورن پاڪستانين جي ڪوششن کي داد ڏيان ٿو جن قدرتي آفتن جي ??تاثرين جي ??دد جي ??اءِ ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي تاريخي ڏينهن تي آئون پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسن، صحت جي شعبي جي ڪارڪنن کي خراج تحسين ??يش ڪريان ٿو جن پنهنجي ڪورونا وبا دوران پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن. وڌيڪ اهو ته آئون ميڊيا، عالم سڳورن، اين ڊي ايم اي، اين سي او سي، صوبائي حڪومتن ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ڪوويڊ 19 بابت ايس او پيز تي عملدرآمد جي ڪردار کي تسليم ڪريان ٿو. هن چيو ته احساس پروگرام مان واضح ٿئي ٿو ته جڏهن معاشري جي سمورن طبقن جي سهولت ۽ تحفظ جي ??اءِ قدم کنيا وڃن ته عوام متحد ٿئي ٿي.