اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غي?? انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو ??هي?? ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعدن جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن?? ڀارتي ظلمن جي انتها ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??ه 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو?? ڀارت جي غي?? قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري عوا??، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.