اسلام آباد – 20 – جنوري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفريقي ملڪ روانڊا سان ٻطرفي سياسي ۽ وزارتي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت جي ”انگيج آفريق??“ ??اليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عامر محمد خان س??ن ملاقات ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.