لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ صنعتي ترقي سان اڳتي وڌي ٿو، حڪومت صنعتن جي لا??ِ مراعتون ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏ??و ويو، اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن تي آهي، ايس ايم ايز جي لا??ِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، سمنڊ پار پ??ڪس??انين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ راغب ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊسٽريل پئڪيج جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو لاڳيتو جائزو وٺندو رهندو آهيان، ڪاروباري طبقي جي لا??ِ پئڪيج جو اعلان تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته صنعتي ترقي جي بنياد تي ملڪ اڳتي وڌندا آهن. ماضي ۾ پ??ڪس??ان وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ نيشنلائيزيشن سان نقصان ٿيو، سوشلسٽ مائنڊ سيٽ موجب صنعتن کي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه هجي ته ترقي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. دولت جي پيداوار سان ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومتون ملڪ جي معيشت صحيح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. پرڪشش مراعتن جي بنياد تي سيڙپڪاري راغب ٿئي ٿي. حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ صنعتي شعبي جو فروغ هو. هن چيو ته ايمنسٽي جي عمل سان صنعتي شعبي کي سڌوسنئون فائدو پهچڻ گهرجي. وزيراعظم روانگي واپار جي فروغ لا??ِ حڪومت جي پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو ته ماضي ۾ روانگي واپار جي فروغ تي ڌيان نه ڏ??و ويو. اسان جو ڌيان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي لا??ِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي آهي. اسان ان حوالي سان پاليسيون کڻي آياسين ۽ ان شعبي کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لا??ِ آسانيون پيدا ڪندڙ ملڪن جي درجابندي ۾ پ??ڪس??ان جي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته سمنڊ پار پ??ڪس??اني ملڪ جو اثاثو آهن. انهن جي لا??ِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين ۽ مراعتون ڏينداسين. حڪومتي پاليسين جي ڪري اڄ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي آهي.