اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقبل رو??ن آهي، اي گورننس جو بهترين نظام آڻي رهيا آهيون، ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جو?? جنگيون وڙهيون ويون، اڄ جو پاڪستان امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل ويزن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.