لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) پنجا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار چيو آهي ته تنقيد براءِ تنقيد ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن، ??هڙن عنصرن جي ذاتي مفادن جي ايجنڊا آهي، اسان جو ڪم ۽ مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، آئون عوام جي حقن جو نگهبان آهيان، ڪنهن کي عوام جي مفا??ن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اهڙن خيالن جو اظهار پنجا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات ۾ ڪيو.