اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصا?? سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ امدادي سرگرمين کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ حليم عادل شيخ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مر??زي نائب صدر ک?? سنڌ صوبي جي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. هو سنڌ ۾ پارٽي جي علائقائي تنظيم سان گڏجي ڪورونا وبا جي ڏس ۾ امدادي سرگرمين جي منصوبابندي، رابطي ۽ عملدرآمد جي ذميواري سرانجام ڏيندو.