اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽيلي??ون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موج?? ٻنهي اڳ??اڻ?? ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزيراعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.