اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته هٿرادو کوٽ جي ذميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضرو??ي قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪورونا جي باري ۾ اڃان به غلط فهميون موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ممڪن نه آهي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاق?? ڪابينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽ?? کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاق?? ڪابينا چيو آهي ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوا?? کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ ط??ب ڪري ورتي، وفاق?? ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.