??سل??م آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سر??را??ي ۾ آسٽريلين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسي اختيا?? ڪئي آهي تنهن ڪري غير ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻ?? جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪر?? جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.