اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته آهي ته شموليت جي ڪلچر کي فروغ ڏئيڻ سان اسان کي پنهنجي معاشي، سماجي ۽ ??ڌن??ڙ چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، ڳالهين ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان معاشري کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پرامن ڳالهين جي ذريعي مشڪلاتن جو حل ڪڍڻ سيکاريو ويو آهي، شاگرد مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن جو مستقبل روشن آهي، پيغ??م پاڪستان نه رڳو حب الوطني کي فروغ ڏيندو پر پاڪستان ۾ مشڪل معاملن ۽ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.