اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته پاڪستاني سي پيڪ تحت خوشحالي ??ي راهه تي گامزن ٿيڻ جي لاءِ پرجوش ۽ پرعزم آهن. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ شاگردن جي هڪ وڏي گروپ سان ڳالهائيندي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو ته شاگردن پاران ڏيکاريل جوش ۽ جذبي جو مش??هدو ڪرڻ کانپوءِ مون کي ان??هائي خوشي ٿي آهي.