اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان شير شاهه پراچا چوڪ ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير ??ان جي والد ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران ??ان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته انهن ڌماڪن ۾ اسان جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير ??ان جو والد به فوت ٿي ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير ??ان کي اهو صدمو برداشت ڪ??ڻ جو حوصلو ڏي.