اسلام ??باد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي مل?? پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن مل?? جي عو??م کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چوسي عو??م کي ڏک ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عو??م جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آ??ي. ??ديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.