اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن ک?? جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جد??د مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي مو??عي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي ??ور?? ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جد??د دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.