اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪ??ر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪ??تا?? ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پاڪ??تا??ي ڪمپني بي ايف با??يو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پاڪ??تا?? ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پاڪ??تا?? جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪ??ر ظفر مرزا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.