فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي جامع ترقي لاءِ 60ع جي ڏهاڪي جي صنعتي پ??لي??ي تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صنعتڪارن جي مشاورت سان نئين پ??لي??ي جوڙي ويندي. هو فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کانسواءِ اسيمبلي ميمبر ۽ صنعتڪار به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته 1960ع جي صنعتي پ??لي??ين جي ڪري پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو جڏهن 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي سوشلزم جي نالي تي صنعتن کي قومي تحويل ۾ و??ڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان لاءِ اهو جواز پيش ڪيو ته پاڪستان جي سموري دو??ت 22 خاندانن تائين محدود آهي، هن چيو ته اسان کي نيشنلائيزيشن جي پ??لي??ي بدران اضافي سرمايو غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ گهربي هئي. هن چيو ته هاڻي به صنعتي فروغ جي ضرورت آهي ته جيئن سيڙپڪار پنهنجي دو??ت وڌائڻ سان گڏوگڏ اضافي سرماي?? ماڻهن جي غربت جي خاتمي تي به خرچ ڪن، هن چين جو مثال ڏنو ۽ چيو ته چين ان طريقيڪار تحت صنعتڪارن جي ۽ پوءِ انهن جي سرمائيڪارن دو??ت وڌائي ۽ پوءِ 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙ?? ماحول پيدا نه ڪرڻ گهرجي ته وڌيڪ پئسو ڪمائڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي، هن چيو ته سيڙپڪارن کي جائز طريقي سان منافع ڪمائڻ گهرجي ۽ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن،