ڪوئيٽا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مچ سانحي ۽ صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر امان الله ياسين زئ??، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، سيد علي زيدي، علي امين گنڊاپور، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گهرو وز??ر ضياءَ لانگو، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، آءِ جي پوليس بلوچستان محسن حسن بٽ، چيف سيڪريٽري بلوچستان ڪيپٽن (ر) فضيل اصغر ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.