اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين کي مدد فراهم ڪ??ي ويندي، خصوصي ٻارن جي انفرادي ضرورتن موجب ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ ل??ڳا??يل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي فائونڊيشن جي دوري جي م??قع?? تي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي کي جسماني ۽ ذ??ني طور تي معذور ٻارن جي بحالي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن جي انهن جي انفرادي ضرورتن موجب تعليم ۽ تربيت ۽ ٿراپي ڪ??ي ويندي، ان م??قع?? تي ڳالهائيندي بيگم ثيمنه علوي چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين جي مدد فراهم ڪ??ي ويندي.