هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ??يزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي ??يام جي ??نصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وزيراعظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي ??ناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، و??يراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ??احوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي تقريبن جي ??يزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، ??هي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ ??سلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ??ها صورتحال ڀارت سان به آهي، ??ن جي ??اڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ ??سلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.