اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي ??ست?? اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪ??ي وئي.