اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير ش??ڪت فياض ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، 15 ملين ماڻهن کي ٽ??ڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير ش??ڪت ترين چيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽيڪس باقيدار کي گرفتار نه ڪندو پر پهرين ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊٽ ٿيندو، پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جا انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته ا??ان ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائيند??سي?? جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽ??ڪس نيٽ جي دائري ڪار ۾ آڻيند??سي??.